SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


NWO New World Order

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nwo
  • njuː
  • wəːld
  • ɔːdər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

NWO New World Order

نيو ورلڊ آرڊر

نئون عالمي نظام

11 سيپٽمبر 1990ع تي آمريڪا جي صدر جارج بش (سينئر) آمريڪي ڪانگريس جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي، دنيا جي لاءِ هڪ ”نئون عالمي نظام“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن عالمي نظام ۾ ”دهشت گرديءَ جو خاتمو“، ”انصاف جي فراهمي“ ۽ ”عالمي امن قائم ڪرڻ“ جا نُڪتا شامل هئا. انهيءَ عالمي نظام کي آمريڪي حڪومت پاران دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪيترا ملڪ”نئين عالمي نظام“ واري اعلان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه ڏسي مونجهاري جو شڪار ٿيا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ اعلان ۾ به اُهي سڀ پراڻيون ڳالهيون (امن، انصاف ۽ سيڪيورٽي وغيره) شامل هيون، جيڪي گهڻي عرصي کان آمريڪي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل رهيون آهن. ان کان علاوه ”نئين عالمي نظام“ بابت فقط زباني جمع خرچ ته ٿيو، پر ان جو مُڪمل خاڪو، فڪري بُنياد ۽ ان تي عمل در آمد بابت ڪا خاص چٽائي ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي. شروع ۾ گهڻن سياسي ماهرن جو خيال هو ته ”نئون عالمي نظام“ گڏيل قومن جي اداري (UNO) کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ته جيئن عراق طرفان ڪوويت جي مٿان (2 آگسٽ 1990ع تي ) ڪيل قبضو ڇڏائي، ايراني نار ۾ بي سبب شروع ڪيل لڙائي بند ڪرائي سگهجي. ساڳي طرح ”نئين عالمي نظام“ کي معاشي، سياسي، سماجي ۽ فوجي سهڪار جي لحاظ کان به دنيا جي لاءِ فائديمند سمجهيو ويو، پر عملي طور اهو نظام اُميدن ڀريو ثابت نه ٿيو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ان نظام جي ڦلهڙائي پڌري ٿي پئي. جيتوڻيڪ ”سرد جنگ“ جي ختم ٿيڻ سان، سڄي دنيا آمريڪا سان نون رُخن ۽ بُنيادن تي بين الاقوامي تعلقات شروع ڪرڻ جو سوچي رهي هئي. ٻئي پاسي دُنيا مان ڪميونزم جي زور ٽٽڻ، ”وارسا“ معاهدي جي خاتمي، سوويت يونين جي ٽٽڻ، جرمنيءَ جا دنيا سان تعلقات بهتر ٿيڻ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي فساد ٿيڻ جا تازا واقعا شدت سان عالمي سياسي منظرنامي ۾ نظر اچي رهيا هُئا. انهيءَ جي باوجود آمريڪا انهن اهم تبديلين کي نظرانداز ڪندي، گڏيل قومن جي اداري سميت عالمي جوڙجڪ ۾ ڪي هاڪاري تبديليون آڻڻ جو سعيو نه ڪيو ۽ پنهنجي سڄي پاليسي هڪ منجهيل تصور جي چوڌاري برقرار رکي. ابتدا ۾ ”نئون عالمي نظام“ نيو ڪليائي ٽيڪنالاجيءَ جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ دُنيا مان لڙائيون ختم ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو، پر سياسي ماهرن، عالمن ۽ دانشورن ۾ ٿيل سهمتي مطابق، دراصل ان دور ۾ عالمي نظام جي نه، پر اڪثريتي شموليت جي تصور هيٺ دُنيا جي قومن وچ ۾ بهتر لاڳاپن قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي. ويهين صديءَ جي آخر ۾ دُنيا جي انهيءَ طلب کي نظرانداز ڪرڻ ۽ سُهڻن لفظن ۾ ويِڙهي آمريڪا طرفان دُنيا تي پنهنجي اڪيلي حاڪميت قائم ڪرڻ جي سوچ هن نظام کي عملي طور ڪاميابي نه ڏياري سگهي.


Remember Me Also:

ڀڙڪ

ث. تڙي ، ڇِڙٻَ. ڌمڪي. هڪل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal